رمضان مگسي

رمضان مگسي: ملهه پهلوان رمضان مگسي ڳوٺ سوڀي خان مگسي، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ جو رهاڪو هو. پنهنجن وڏن جي روايت کي برقرار رکڻ خاطر هن ملهه سکڻ شروع ڪئي. هن پهرين محمد ابراهيم مگسي کان سکيا حاصل ڪري ملهه جا ڪافي ڏانوَ سکيا ۽ استاد کيس شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌي ملاکڙن ۾ ملهه وڙهڻ جي اجازت ڏني. هو ٻن سالن تائين ٽئين جوڙ ۾ ملهه وڙهيو ۽ پوءِ ٻئي جوڙ ۾ شامل ٿيو. ٻئي جوڙ لاءِ هن استاد محمد حسن مگسيءَ کان سکيا ورتي. ان کانپوءِ هن سڄيءَ سنڌ جي ملاکڙن ۾ ملهه وڙهڻ شروع ڪيو ۽ وڏن وڏن پهلوانن سان مقابلا ڪري ڪاميابي ماڻي. کيس ملهه جي دنيا ۾ وڏي شهرت حاصل ٿي. اٽڪل ويهه سال ملهه وڙهڻ کانپوءِ پنهنجي فن کان رٽائر ٿيو.


لفظ رمضان مگسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو